سوئي سدرن جي 350 ملازمن جي برطرفي چيلنج : وفاق ۽ ايم ڊي کان جواب طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران برطرف ڪيل 350 کان وڌيڪ ملازمن جي درخواست تي وفاقي حڪومت، سوئي سدرن ڪمپني جي ايم ڊي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 7 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي،ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل بيرسٽر ضمير گهمرو موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ 2010ع ايڪٽ تحت بحال ٿيل ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، سوئي گيس جا ملازم 2009ع ۾ بحال ٿيا، جڏهن ته ايڪٽ 2010 ع ۾ ٺاهيو ويو هو، هن وڌيڪ چيو ته سوئي گئس انتظاميه سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ ملازمن کي برطرف ڪيو آهي، برطرف ملازم 2010ع جي قانون تحت بحال ناهن ٿيا، ان ڪري سپريم ڪورٽ جو حڪم درخواست گذار ملازمن تي لاڳو نه ٿو ٿئي، ملازمن جي برطرفي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 17 آگسٽ 2021ع تي ايڪٽ 2010ع کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، عدالتي حڪم بعد سوئي سدرن گئس ڪمپني، پي ايس او، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن مان 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔