ڪراچي ڊفينس ۾ ٽريول ايجنٽ جي گهر لکين رپين جو ڌاڙو

ڪراچي: ڊفينس جي پوش علائقي ۾ وڏو ڌاڙو، ھٿياربند 15 لکن جا سونا زيور ۽ 20 لک ڪيش ڦر ڪري فرار، متاثر شخص ايف آئي آر لاء ٿاڻي پھچي ويو. گذري ٿاڻي جي حد ڊفينس فيز 4 ۾ 5 ھٿياربند ٽريول ايجنٽ جي گھر ۾ گھڙيا، ھٿياربندن گھر مان سونا زيور ڦر ڪيا ۽ آمريڪي ڊالرن سميت 20 لک روڪ به ھٿياربند ڦر ڪري ويا. پوليس پھچي گھر جو جائزو ورتو، ٽريول ايجنٽ ايف آئي آر لاء ٿاڻي پھچي ويو، پوليس موجب ايف آئي آر داخل ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔