ڪراچي: 19هين ۽ 20 هين گريڊ جي ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران 19هين ۽ 20هين گريڊ جي ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب معذورن جي ڀلائي واري کاتي جو سيڪريٽري پرويز سيهڙ کي بدلي ڪري کيس بورڊ آف روينيو ۾ (ڳوٺ آباد) ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. ايم ڊي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جاويد صبغت الله کي بدلي ڪري هيومن رائيٽس کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري عامر حسين کي ڊي سي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽفڪيشن موجب ڊي سي شھيد بينظير آباد ابرار احمد کي بدلي ڪري سروسز کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔