سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج، ڌرڻا

ڪراچي: سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل، ڳڙهي حسن ۾ آبادگارن ۽ هارين جو ٺل – جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گپچاڻي ۾ به آبادگار پاڻي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن، سنڌڙي ۾آبادگارن مٺڙائو ڪئنال زبردستي کولي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، فيڊر بند ڪرڻ لاءِ پهتل آبپاشي عملدارن ۽ آبادگارن ۾ منهن ماري ٿي. ميرپور ماٿيلو ۾ آبادگارن ڊي سي آفيس کي تالا هڻي ڇڏيا، ميرو خان ۾ هاري جي ساريالو فصل سڙڻ تي احتجاج واري وڊيو وائرل ٿي، جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ 46 آبادگارن ۽ هارين خلاف ڪيس داخل: بهرام ۾ وارهه ڪئنال جي آبادگارن جو پ پ ايم پي اي نادر مگسي جي گاڏي آڏو ڌرڻو، نادر مگسي طرفان ٻن ڏينهن اندر پاڻي ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔