ڪابل جي ايئرپورٽ تي ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جو انگ 90 ٿي ويو

ڪابل : ڪابل جي حامد ڪرزئي ايئرپورٽ تي آپگهاتي ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جو انگ 90 ٿي ويو، 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ 13 پرڏيهي فوجي اهلڪار به شامل آھن.

غيرملڪي ميڊيا موجب ڌماڪن ۾ 140 ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن، مارجي ويلن ۾ 13 آمريڪي فوجي بھ شامل آھن، افغان عملدارن جو چوڻ آھي تھ ڌماڪن ۾ مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ ٻار بھ شامل آھن، زخمين کي طبي امداد جي لاءِ مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي.

برطانوي ميڊيا موجب ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪن جي ذميواري ڪالعدم تنظيم داعش قبول ڪري ورتي آھي، طالبان اڳواڻ دعويٰ ڪئي آهي ته ايئرپورٽ حملي ۾ 28 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن، پينٽاگون موجب آپگهاتي ڌماڪي باجود ماڻهن جي ڪابل مان لڏ پلاڻ جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔