سلمان سان روس ويل ڪترينا ڪيف خوش، تصويرون وائرل

باربي ڊول جي نالي سان مشهور بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ دبنگ هيرو سلمان خان ٻئي روس ۾ پنهنجي ايندڙ فلم ”ٽائيگر 3“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهن. تازو ئي ڪترينا ڪيف پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي روس جي شهر سينٽ پيٽرز برگ جون تصويرون شيئر ڪيون. تصويرن ۾ اداڪارا ڪترينا ڪيف کي روس گھمندي ڏسي سگھجي ٿو. انسٽاگرام تي شيئر ڪيل تصوير ۾ ڪترينا ڪيف روس جي پارڪن ۽ شهر جي گھٽين ۾ گھمندي نظر اچي رهي آهي. هن انسٽاگرام/  تي هڪ تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته پارڪ ۾ هڪ ڏينهن. ڪترينا ڪيف پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ سينٽ پيٽرز برگ جي سونهن ۽ موسم ۽ موسم مان مزو وٺندي خوش نظر اچي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔