ڏھ فٽ وڏو ازدها روڊ تي اچي ويو، ماڻهن گاڏيون روڪي ورتيون

اسان اڄ تائين ازدها (نانگ) جهڙي خوفناڪ جانور کي فلمن يا چڙيا گهر ۾ ڏسندا آيا آهيون پر ڇا توهان ڪڏهن تصور ڪيو آهي ته جيڪڏهن هي خوفنڪا جانور ڪنهن رستي مان گذرندي توهان جي سامهون اچي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
حال هي ۾ برازيل جي هڪ روڊ تي عڪس بندي ڪيل واقعي سوشل ميڊيا صارفين کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽا گرام تي برازيل جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 10 فٽ ڊگهو ازدها (نانگ) ريڙهيون پائيندي روڊ تان گذري رهيو آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهن گاڏيون روڪي ورتيون ته جيئين هو حفاظت سان هليو وڃي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيترائي ماڻهو ازدها جي وڊيو ۽ ان سان گڏ پري کان سيلفيون ٺاهي رهيا آهن، جنهن کانپوءِ ازدها ريڙهيون پائيندي جهنگ ۾ غائب ٿي وڃي ٿو، جنهن بعد شري به پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان ٿي وڃن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔