دنيا جي سڀ کان ننڍي ڳئون راڻي مري وئي

ڍاڪا: دنيا جي سڀ کان ننڍي ڳئون راڻي مري وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بنگلاديش جي شهر ڍاڪا ۾ دنيا جي سڀ کان ننڍي راڻي ڳئون پيٽ جي بيماري سبب اسپتال ۾ مري وئي، راڻي ڳئون جون تصويرون قرباني واري عيد تي وائرل ٿيون هيون، سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ٿيڻ بعد راڻي سڄي دنيا ۾ شهرت ماڻي هئي، راڻي ڳئون جو قد 20 انچ ۽ ڊيگهه 26 انچ رڪارڊ ڪيو ويو هو جڏهن ته 26 ڪلو گرام وزن رکندڙ راڻي ڳئون جي عمر23 مهينا هئي، راڻي جو پيٽ سڄي ويو هو جنهن سبب کيس اسپتال آندو ويو، ڪيترائي ڏينهن اسپتال ۾ علاج جاري رهيو پر هو بچي نه سگهي، راڻي ڳئون ڍاڪا کان 30 ڪلوميٽر پري هڪ ڳوٺ چڙي گرام ۾ پيدا ٿي هئي سندس مري وڃڻ واري خبر ڳوٺ پهچڻ تي هر آک آلي ٿي وئي جڏهن ته سندس مالڪ جو چوڻ هو ته راڻي سڀني جي دلين تي راڄ ڪندڙ هئي سندس وڃڻ سان گهر ۾ ماتم متل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔