وزير اعظم طرفان احسان ماني جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ کان انڪار

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان پيٽرن ان چيف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي حيثيت سان پي سي بي چيئرمين احسان ماني جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب احسان ماني وزير اعظم عمران خان جي اميدن تي پورو نه لهي سگهيو آهي ۽ وزير اعظم سمجهي ٿو ته احسان ماني ڪرڪيٽ کي ايتري اڳتي نه آڻي سگهيو، جيترو کيس هدف ڏنو ويوهو. ذريعن موجب وزيراعظم ڪنهن ٻئي ڪرڪيٽر کي پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ان حوالي سان مختلف نالن تي غور شروع ڪيو ويو آهي. موجوده چيئرمين پي سي بي احسان ماني جو ملازمت جو مدو 24 آگسٽ تي ختم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته قومي ٽيم جي اڳوڻي رانديگر ۽ 92 وارو ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم ۾ عمران خان سان گڏ شامل رميز کي عهدو ملڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔