ايٿليٽ طرفان ٻارڙن جي علاج لاءِ ميڊل نيلام ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: پولينڊ جي ايٿليٽ ماريا ايندري بيمار ٻارڙن جي علاج ۾ مالي مدد لاءِ ٽوڪيو اولمپڪس ۾ ماڻيل سلور ميڊل نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي ايٿليٽ ماريا اعلان ڪيو ته اينٽو نالي ننڍي عمر جي ٻار جي دل ۾ خرابي جي ڪري ان جي سرجري ٿيڻ ضروري آهي ۽ هوءَ ان لاءِ فنڊنگ مهم ۾ شريڪ آهي. ٻار جي سرجري لاءِ 38 هزار امريڪي ڊالر گهربل آهن، جنهن جي اڌ رقم گهٽ ٿي چڪي آهي، جنهن تي ايٿليٽ پنهنجو ميڊل نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  جيولين ٿرو ايونٽ جي سلور ميڊلسٽ ماريا ايندري 8 مهينن جي ٻار جي هارٽ سرجري لاءِ پنهنجو ميڊل نيلام ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔