افغان عورت جو آمريڪي فوجي جهاز ۾ ٻارڙيءَ کي جنم

طالبان جو افغانستان تي مڪمل ڪنٽرول کانپوءِ افغان شهرين سوڌو غير ملڪين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي، ان دوران آمريڪي فوجي جهاز ۾ سوار هڪ افغان عورت جرمني جي ائيربيس تي ٻارڙيءَ کي جنم ڏنو.
آمريڪي هوائي عملدار ٽوئيٽر تي واقعي جي تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو ته هڪ افغان عورت هفتي جي ڏينهن جرمني جي رامسٽين ايئر بيس تي ٻارڙي کي جنم ڏنو آهي.
آمريڪي فضائيه جو چوڻ آهي ته جهاز تمام گهڻو مٿي هجڻ ڪري هوا جو دٻاءُ گهٽ هو، جنهن جي ڪري ڳورهاري عورت جي حالت خراب ٿي وئي، جهاز جي ڪمانڊر جهاز ۾ هوا جو دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ڪٿي مٿانهين واري جڳهه تي لهڻ جو فيصلو ڪيو.
آمريڪي فضائيه جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪمانڊر جي اهڙي فيصلي سان ماءُ جي حالت بهتر ۽ ٻارڙيءَ جي زندگي بچائڻ ۾ مدد ملي، جهاز جي رامسٽين ائير بيس تي لينڊنگ بعد فضائيه جي ميڊيڪل گروپ جي اهلڪارن عورت کي سي 17 فوجي جهاز جي ڪارگو ۾ شفٽ ڪيو جتي هنن ٻارڙي جي ڊليوري ۾ مدد ڪئي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٻارڙي ۽ ماءُ کي طبي امداد جي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻنهي جي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔