سلمان خان جو عجيب روپ سوشل ميڊيا تي وائرل

ممبئي: باليووڊ ۾ دبنگ خان، ڀائي جان ۽ ٻين مختلف لقبن سان مشهور سپر اسٽار سلمان خان جون ڪجهه تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
تصويرن ۾ سلمان خان اهڙو ته عجيب روپ اختيار ڪيو آهي جنهن کي مداحن طرفان ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اهي تصويرن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان اڄڪلهه اداڪارا ڪترينا ڪيف سان گڏ روس ۾ پنهنجي فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.
سوشل ميڊيا تي اداڪار جون سيٽ تي ورتل تصويرون سامهون آيون آهن جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪار پنهنجو روپ بلڪل مٽائي ڇڏيو آهي.
اهو روپ هن فلم جي ڪنهن سين لاءِ اختيار ڪيو آهي جنهن کي سلمان خان جا مداح ڏاڍو پسند ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔