”ڀارت افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري“

افغانستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حزب اسلامي جي سربراهه گلبدين حڪمت يار چيو آهي ته افغانستان ۾ امن لاءِ ڀارت هاڪاري ڪردار ادا ڪري، ڀارت کي افغانستان جي مستقبل جي حوالي سان بيانن بدران پنهنجي اندروني مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ريڊيو پاڪستان سان ڳالهائيندي گلبدين حڪمت يار اميد ظاهر ڪئي ته نئين حڪومت جوڙڻ لاءِ افغان ڌڙن وچ ۾ باضابطا طور ڳالهيون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿينديون.
هن چيو ڪوشش ڪنداسين ته افغان دشمن قوتون امن عمل کي متاثر نه ڪن، افغانستان درست رستي تي هلي رهيو آهي، هتي اهڙي ڪا حڪومت نه هجڻ گهرجي، جيڪا عالمي برادري کي قبول نه هجي.
سندس چوڻ هو ته ڪجه امن دشمن افغانستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ مضبوط مرڪزي حڪومت نٿا چاهين، ڪجهه پرڏيهي ڳجها ادارا افغان عوام کي بغاوت تي اڪسائي رهيا آهن.
گلبدين حڪمت يار چيو ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي جدوجهد جو بدلو وٺڻ لاءِ افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت کي افغانستان جي مستقبل جي حوالي سان بيانن بدران پنهنجي اندروني مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔