ڪهڙي عمر جي ماڻهن ۾ ڪورونا جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي؟ حيران ڪندڙ تحقيق

ڪورونا وائرس ۽ ان جي اثرن جي حوالي سان روز نيون تحقيقون سامهون اينديون رهنديون آهن.
انهن تحقيقن جي مدد سان اهو ڄاڻڻ سولو هوندو آهي ته ڪهڙو شخص ڪورونا جو شڪار ٿيو آهي يا ڪنهن کي رڳو وائرل انفيڪشن آهي پر ڪورونا وائرس ۽ وائرل انفيڪشن جون ڪيتريون ئي علامتون هڪ جهڙيون هونديون آهن.
ان ڳالهه کان ته ڪير انڪار نه ڪندو ته نوجوانن ۾ مدافعتي قوت ننڍن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ مضبوط هوندي آهي پر ان باوجود نوجوانن ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيڻ جو خطرو امڪانن کان وڌيڪ هوندو آهي.
تازو هڪ تحقيق سامهون آئي آهي، جنهن سان خبر پئي آهي ته نوجوانن ۾ ڪورونا وائرس سان ٿيندڙ بيماري ڪووڊ جو خطرو امڪانن کان وڌيڪ هوندو آهي.
تحقيق ۾ ڪينيڊا جي شهر اونٽاريو ۾ مارچ کان ڊسمبر 2020 دوران سمورين پي سي آر ٽيسٽن ۽ ڪيسن جي انگ جي رڪارڊ جو تجزيو ڪيو ويو.
تحقيقي ٽيم ان مقصد لاءِ مختلف ماڊلز تيار ڪيا ته جيئن هر عمر جي گروپ ۾ بيماري جي شرح جي فرق تي ٽيسٽنگ جي شرح جي اثرن جو علم ٿي سگهي.
ان دوران ڏٺو ويو ته 10 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۽ 80 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۾ بيماري جو خطرو سڀ کان گهٽ هوندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ نينگرن، 20 کان 49 سال جي ماڻهن ۾ بيماري جي شرح سڀ کان وڌيڪ هوندي آهي، خاص طور نوجوانن ۾.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔