افغانستان ۾ صورتحال جو ذميوار آمريڪا آهي: چين

بيجنگ: چين آمريڪا کي افغانستان ۾ بي يقيني جي صورت حال جو ذميوار قرار ڏنو آهي. چين جي خاص نمائندي چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال جو ذميوار آمريڪا آهي.
افغانستان جي لاءِ چين جي خاص نمائندي زيائو يانگ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آمريڪا سياسي حل ڪڍڻ جي بنا ئي افغانستان کي ڇڏي ڏنو، طاقت جي استعمال ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت سان مسئلا حل نه پر سنگين ٿي ويندا آهن.
چين جي خاص نمائندي اميد ڪئي ته طالبان سڀني طاقتن کي ملائي قابل قبول حڪومت ٺاهيندا، اوڀر ترڪستان اسلامي موومينٽ کي پناهه ڏيڻ جهڙي غلطي ٻيهر نه ورجائي ويندي.
واضح رهي ته افغانستان ۾ موجوده صورتحال افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي کانپوءِ ٿي آهي.
جنهن وقت آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو هو ته افغانستان ۾ موجود آمريڪي سفارتڪارن اهي خدشا ظاهر ڪيا هئا ته اسان جي فوري نڪرڻ کانپوءِ طالبان ڪابل تي قبضو ڪري وٺندا.
هوڏانهن طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ ملڪ ۾ صورتحال اها آهي ته سمورا غير ملڪي ماڻهو ته افغانستان ڇڏڻ چاهين ٿا پر افغان شهري به ملڪ مان نڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن.
تنهن جي باوجود به طالبان اها خاطري ڪرائي چڪا آهن ته پرڏيهي شهرين توڙي افغان شهرين سميت عورتن جي تحفظ جا ذميوار آهيون، ڪنهن کي به ڪا تڪليف نه ٿيڻ ڏينداسين.
طالبان ملڪ ۾ نئين حڪومت آڻڻ لاءِ سڀني سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ افغان عورتن کي به حڪومت جو حصو بڻجڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔