آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ ٻوڏ، 8 فوت، ڪيترائي گم

واشنگٽن : آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ سخت برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي گم ٿي ويا آهن.
ٻڌايو ويو آهي ته رڪارڊ برساتن سبب ڪيترن ئي گهرن ۽ روڊن کي سخت نقصان پهتو، جڏهن ته هڪ مقامي پوليس اهلڪار موجب 30 ڄڻا گم آهن.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه هنڌن تي هڪ ڏينهن ۾ 17 انچ (430 ملي ميٽرن) تائين برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
سخت برساتن سبب متاثر علائقن ۾ مواصلاتي نظام کي به نقصان پهتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔