ڪنهن سان به دشمني ناهي، اشرف غني ۽ امرالله صالح سميت سڀني جي لاءِ عام معافي آهي: خليل حقاني

ڪابل: افغان طالبان جي مرڪزي اڳواڻ خليل الرحمان حقاني چيو آهي ته هاڻ ڪنهن سان دشمني نه آهي. اشرف غني، امرالله صالح ۽ حمدالله محب سميت سڀني جي لاءِ عام معافي آهي.خانگي چينل کي انٽرويو ڏيندي طالبان اڳواڻ خليل الرحمان حقاني چيو ته آمريڪا سان دشمني ۾ اڳرائي اسان نه ڪئي هئي ۽ هن وقت به نه ڪري رهيا آهيون. آمريڪا اسان جي مذهب ۽ ملڪ سان زيادتي ڪئي ته مجبور ٿي هٿيار کنيا. خليل الرحمان حقاني چيو ته اسان جي دشمني جو سبب نظام جي تبديلي هو ۽ هاڻ نظام تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻ اشرف غني، امرالله صالح ۽ حمدالله محب سميت سڀني جي لاءِ عام معافي آهي.اشرف غني، جرنيل ۽ اڳوڻن حڪومتي عهديدارن سميت جيڪو به افغانستان اچڻ چاهي اچي سگهي ٿو ڪنهن کان به انتقام نه ورتو ويندو. تاجڪ، بلوچ، هزاره، پشتون ۽ اسان سڀ ڀائر آهيون. انٽرويو ۾ خليل الرحمان حقاني چيو ته افغانستان ۾ هڪ منظم نظام بڻجندو جنهن ۾ سموريون تنظيمون ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو شامل هوندا. قوم کي گڏ ڪندڙن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو. طالبان اڳواڻ افغانستان ڇڏي ويندڙن کي پيغام ڏنو ته ٻاهر نه وڃو، هتي رهي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪريو. دشمن اوهان کي ڊيڄاري رهيا آهن ته امارات اسلامي اوهان کي سزائون ڏيندا. اسلام امن جو دين آهي. هتي سڀني کي برابري جا حق ملندا ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي.خليل الرحمان حقاني وڌيڪ چيو ته سمورن ملڪن ۽ مسلمان ملڪن جي لاءِ پيغام آهي ته پنهنجي ماڻهن کي حق ڏيو پوءِ ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به مذهب سان هجي جنهن ماڻهن جا جيڪي حق بڻجن ٿا ان کي ڏنا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔