مودي جا پوئلڳ بلاول ۽ مراد علي شاهه پهريون پاڻ تعليم حاصل ڪن: حليم شيخ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي. حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته وزيراعليٰ سنڌ جو اسڪول بند ڪرڻ وارو فيصلو مذمت جوڳو عمل آهي.هن چيو ته وڏي وزير کي سنڌ ۾ ريليون نظر نه ٿيون اچن، تعليم دشمن فيصلو بدديانتي ۽ سنڌ دشمني تي ٻڌل آهي، تعليم جو نظام تباهه ڪري سنڌ جي نوجوانن کي غلام بڻايو پيو وڃي.سنڌ حڪومت جي اڳيان ته هٽلر به شرمندو ٿي رهيو آهي، ڪورونا جي سفير مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر روئڻ پٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن ڄٽڪا ۽ اهمڪاڻا فيصلا عوام تي مڙهيندڙن کي پاڻ تعليم جي ضرورت آهي، تعليم جا فيصلا وڏي وزير کي ڪرڻا آهن ته تعليم واري صوبائي وزير کي هٽايو وڃي.حليم عادل شيخ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ريليون وڏي وزير کي نظر نه ٿيون اچن، پرچي چيئرمين ۽ مراد علي شاهه مودي طرز حڪمراني تي عمل پيرا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔