ملڪ جي وڪيل برادري سنڌ جي چيف جسٽس سان گڏ، سپريم ڪورٽ بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: پاڪستان جي وڪيل برادري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ايڊهاڪ تي مقرري خلاف 9 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ايڊهاڪ جج طور مقرري جي معاملي تي پاڪستان جي وڪيل برادري هڪ ٿي وئي ۽ جڊيشل ڪميشن جي فيصلن خلاف روڊن تي اچڻ سميت پنهنجي فيصلن تي عمل لاءِ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار طرفان ڪنويشن سڏايو ويو، جنهن ۾ سڄي پاڪستان جي بار ايسوسيئيشنز جي صدرن ۽ اهم اڳواڻن سميت وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار جو صدر لالا لطيف آفريدي، علي احمد ڪرد، ضياءُ الحسن لنجار، نعيم قريشي، امجد شاهه، قربان ملاڻو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار طرفان 9 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، بار جي صدر چيو ته مان سپريم ڪورٽ بند ڪرائڻ لاءِ پنهنجون ٻئي ڄنگهون ڀڃرائڻ لاءِ به تيار آهيان. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئريسٽر صلاح الدين چيو ته گجر نالي تي هزارين گهر ٽوڙيا ويا، ماڻهو بک تي آهن پر اهو رول بحريا ٽائون تي ته لاڳو نٿو ٿئي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر علي احمد ڪرد جڊيشل ڪميشن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي صلاحيت ڇا آهي، اسان کي تنگ نه ڪيو، هڪ سيٽي وڄڻ سان سڄو نظام ويهجي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔