طالبان امريڪي شهرين جي واپسي ۾ رنڊڪ بڻيا ته ڀرپور ڪارروائي ڪنداسين:جوبائيڊن

ڪراچي: آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آھي تھ افغانستان مان 13هزار کان وڌيڪ امريڪي شهرين کي ڏيهه منتقل ڪري چڪا آهيون، طالبان امريڪي شهرين جي واپسي ۾ رنڊڪ بڻيو ته ڀرپور ڪارروائي ڪنداسين، آمريڪي صدر جو بائيڊن وڌيڪ چيو آهي ته طالبان سان امريڪي شهرين کي ايئرپورٽ تائين رسائي جو معاهدو ٿيو آهي، افغانستان صورتحال تي جِي سيون ملڪن جو اجلاس ايندڙ هفتي ٿيندو، افغانستان مان فوج جي واپسي تي اتحادين ڪو سوال ناهي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔