لاھور گريٽر اقبال پارڪ واقعو، وڌيڪ 36 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو: آءِ جي پنجاب

لاھور؛ لاھور ۾ گريٽر اقبال پارڪ ۾ عورت ٽڪ ٽاڪر سان بدتميزي ۽ ڪپڙا ڦاڙي تذليل واري ڪيس ۾ وڌيڪ 36 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. آءِ جي پنجاب انعام غني ان سلسلي ۾ چيو آھي تھ سوشل ميڊيا تي جاري تصويرن ۽ وڊيوز جي مدد سان سڃاڻپ ڪري وڌيڪ 36 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، واقعي جي سلسلي ۾ گرفتار جوابدارن جو انگ 66 ٿي ويو آھي. آءِ جي پنجاب جو چوڻ ھو تھ گذريل ڏينھن 100 کان وڌيڪ شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي واقعي ۾ ملوث نظر نٿا اچن انھن کي آزاد ڪيو وڃي ٿو، ھن وقت تائين 66 ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي وڊيوز، تصويرن ۽ نادرا ذريعي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي بخش نھ ڪيو ويندو، ڪيس تي تيزي سان ڪم ھلي رھيو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔