شهرين جي ڏاڙهي هجي يا نه هجي، ڪو به اعتراض ناهي: طالبان انچارج

ڪراچي:طالبان جي مقامي سيڪيورٽي انچارج ملا جمعه چيوآهي ته شهرين تي ڏاڙهي جي پابندي جي حوالي سان قيادت جي طرف کان ڪو به حڪم ناهي مليو. قنڌار ۾ پاڪستان جي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سيڪيورٽي انچارج ملا جمع چيو ته چيڪنگ جي دوران شهرين کان مهذب انداز ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نئين انتظاميه شهرين لاءِ قائدا ۽ ضابطا جاري ناهن ڪيا. هن چيو آهي ته تفريحي ماڳن ۾ ماڻهن کي معمول موجب اچڻ جي اجازت آهي، امن امان ۾ خلل وجهڻ ۽ ڏوهاري ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، جڏهن ته ٻين علائقن جي هٿياربند طالبان جي غير ضروري گهمڻ تي پابندي آهي ۽ ٻين علائقن جي طالبان جي چيڪنگ ۽ سندون ڏٺيون وڃن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔