اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني پاران طالبان جي حمايت جو اعلان

ڪراچي؛ اڳوڻي افغان صدر اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني به طالبان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.پاڪستان جي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حشمت غني اشرف غني جي ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ افغانستان جي صدر هجڻ جي دعويدار امر الله صالح کي ٺڳ قرار ڏيندي چيو ته امر الله صالح کي ٻڌايو ويو آهي ته گهر ۾ رهو يا ڪٿي ٻئي هنڌ هليا وڃو. حشتم غني افغانستان جي لاءِ امن کي انتهائي ضروري قرار ڏنو ۽ هي انڪشاف به ڪيو ته احمد شاهه مسعود جي پٽ احمد مسعود طالبان سان امن معاهدي تي راضي آهي.هن جو چوڻ هو ته طالبان امن ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، طالبان امن ۽ تحفظ ڏين، اسان هنن جي مدد ڪنداسين. هن چيو آهي ته دوستن کي شامل ڪري افغانستان ۾ امن جي لاءِ شروعات ٿي ويون آهن، امن عمل ۾ اسان سڀ شامل آهيون، اسان واعدا ورتا آهن، جنگ جو ڪو به ارادو نه آهي. طالبان جي طاقت ۽ ڪمزوري بابت پڇيل سوال تي حشمت غني جو چوڻ هو ته امن آڻڻ طالبان جي طاقت جڏهن ته معيشت ۽ پرڏيهي مامرا ان جي ڪمزوري آهن. حشمت غني جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ 17 ملين ماڻهو ڏهاڙي تي ڪم ڪندا آهن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن لاءِ معاشي فارمولو گهرجي، طالبان کي درآمدات، بر آمدات، زراعت ۽ خود انحصاري جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔