نجي اسڪولز ائسوسيئيشن سنڌ سرڪار جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي تڪرار وڌي ويو، نجي اسڪولز ائسوسيئيشن سنڌ سرڪار جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو، تعليمي ادارا بند رکڻ وارو فيصلو واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾احتجاج جو چتاءُ، ڪراچي ۾ ضياءُ الدين يونيورسٽي به مادرِ عمليون بند رکڻ وار حڪومتي فيصلي کي ٿُڏي ڇڏيو، استادن ۽ شاگردن سوڌو سموري عملي کي سومر تي يونيورسٽي پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي. آل سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي تعليمي ادارا بند رکڻ خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ احتجاجن جو اعلان ڪري ڇڏيو، شاگردن ۽ نجي اسڪولز جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هڪ سازش تحت تعليم کي تباهه ڪيو پيو وڃي، اسڪولز ۽ يونيورسٽيز بند رکڻ لاءِ ڪورونا جو بهانو ورجايو وڃي ٿو، سنڌ سرڪار کان تعليمي ادارا بند رکڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔