مٺي ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين 5 ٻارڙن دم ڏئي ڇڏيو

مٺي: سول اسپتال مٺي م خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 5 ٻار فوت ٿي ويا. فوٿ ٿيندڙن ۾ دولت ڀيل ،سومار ڪولهي، ڀاڳو ڀيل،قيمت ميگهواڙ ۽ محمد حسن جا تازا ڄاول ٻار شامل آهن. هلندڙ مھيني فوتي ٻارڙن جو انگ 39 ٿي ويو ۽ هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو مجموعي انگ 379 ٿي ويو آهي. ٻارڙن جي موت واري واقعن جو سنڌ حڪومت نوٽيس نه ورتو. ٿرپارڪر جي هيڊڪوارٽر واري شهر مٺي جي سول اسپتال ۽ ٿرپارڪر جي مختلف علائقن جي اسپتالن ۾ دوائن جي اڻهوند سبب مريض سخت پريشان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔