ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شيڊيول جو اعلان، پاڪ ڀارت دنگل ڪڏهن ٿيندو؟

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شروعات عمان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ 17 آڪٽوبر کان ٿيندي، جنهن ۾ 12 ٽيمون شرڪت ڪنديون.
ايونٽ ۾ قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 24 آڪٽوبر تي روايتي مخالف ڀارت خلاف دبئي ۾ کيڏندي، جڏهن ته پاڪستان جو ٻيو مقابلو 26 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ سان شارجا ۾ ٿيندو.
قومي ٽيم 29 آڪٽوبر تي دبئي ۾ افغانستان خلاف ميدان تي لهندي، جڏهن ته ان جو 2 نومبر تي ابوظهبي ۾ ڪوليفائر اي 2 ۽ 7 نومبر تي شارجا ۾ ڪوليفائر بي 1 سان مقابلو ٿيندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل 10 نومبر ۽ ٻيو 11 نومبر تي کيڏيو ويندو، جڏهن ته ميگا ايونٽ جو فائنل 14 نومبر تي دبئي ۾ ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔