”باليووڊ اداڪارا، اسپائيڊر مين“؟:وڊيو وائرل،

هالي ووڊ جي جڳ مشهور ايڪشن مووي ”اسپائيڊر مين“ جي باري ۾ ڪنهن کي خبر نه هوندي؟، اسپائيڊر مين فلم کي دنيا ۾ ايترو ته پسند ڪيو ويو جو ان جا هڪ کان وڌيڪ سيڪيوئل آندا ويا.
فلم هالي ووڊ جي ناليواري اداڪار ۽ فلم پروڊيوسر ٽوبي ميڪائر اداڪاري ڪئي آهي، اسپائيڊر مين جي ڪردار ۽ انداز کي دنيا جي ماڻهن ايترو ته پسند ڪيو جو دنيا جي سڀ کان وڏي ايڊوينچرز فلم ۾ به اسپائيڊر مين جي ڪردار کي حصو ڏنو ويو.
هتي اسان اسپائيڊر مين جي ڪنهن ڪردار يا مداح جي ڳالهه بلڪل نه ڪنداسين، پر هتي ڳالهه ڪنداسين هڪ اهڙي ڀارتي اداڪارا جي جيڪا پاڻ ئي اسپائيڊر مين بڻجي وئي آهي.
اها ڳالهه ٻڌي توهان جي ذهن ۾ يقينن اهو ئي خيال آيو هوندو ته شايد ڀارت جي ڪنهن فلم اسپائيڊر مين جي جهلڪي ڏيکاري وئي آهي جنهن جي ڪري اداڪارا کي اسپائيڊر مين بڻجڻو پيو؟
پر ائين ناهي، هتي ڀارتي اداڪارا کي اسپائيڊر مين جو روپ اختيار ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ناهي چيو نه اهو روپ ڪرڻ سان کيس ڪو معاوضو ملڻو آهي ۽ نه ئي وري اداڪارا ڪنهن اهڙي تقريب ۾ شرڪت ڪئي آهي جتي وڃڻ لاءِ سندس لاءِ اسپائيڊر مين بڻجڻ ضروري هو.
ته پوءِ آخرڪار اهڙو ڇا ٿيو، جنهن باليووڊ جي ايڏي وڏي اداڪارا کي اسپائيڊر مين بڻجڻ تي مجبور ڪيو؟
ناليواري اداڪارا راکي ساونت اسپائيڊر مين جو روپ احتجاجن طور اختيار ڪيو آهي.
جي ها! اهڙو ئي ڪجهه آهي، هاڻي توهان حيراني ۾ هوندا ته راکي ساونت کي احتجاج ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پئجي وئي؟ ۽ جي احتجاج ئي ڪرڻو هو ته اسپائيڊر مين جي روپ ۾ ڇو ڪيو؟
ڀارت جي ميگا ٽي وي شو ”بگ باس“ جي ڊجيٽل قسطن ۾ شامل نه ڪرڻ تي راکي ساونت کي ڪاوڙ لڳي وئي آهي جنهن جي ڪري هن احتجاجن طور اسپائيڊر مين جو روپ اختيار ڪري بگ باس جي گهر ٻاهران اچي احتجاج ڪيو ۽ رڙيون ڪندي رهي
راکي ساونت جي اهڙي روت تي وڊيو ٺاهيندڙ به کِلندا رهيا، پر هن پنهنجو احتجاج جاري رکيو.
راکي ساونت نه رڳو پنهنجي جسم تي اسپائيڊر مين وارا ڪپڙا پهريا پر هن منهن تي به اسپائيڊر مين ماسڪ جي پينٽ ڪرائي ۽ پاڻ سان اهڙي ئي ميچنگ واري هڪ بيگ به کڻي آهي.
احتجاج دوران راکي ساونت رڙيون ڪندي رهي ته بگ باس مونکي اندر گهرايو، توهان مونسان واعدو ڪيو هو.
راکي ساونت جي اها وڊيو وائرل ٿي وئي آهي ڪيترن ئي ماڻهن طرفان اداڪارا کي ٽوڪيو ويو آهي پر ڪيترن ئي سندس پراعتمادي جي تعريف ڪئي.
وڊيو جي ڪيپشن ۾ راکي ساونت لکيو ته مان ڪاوڙيل آهيان بگ باس ۽ او ٽي ٽي، اهو ڇا آهي؟، شو جو نالو او ٽي ٽي ۽ او ٽي ٽي جي شهزادي کي ناهي گهرايو ويو!، بگ باس مان توهان جي پهرين گهرواري آهيان ۽ مان اچي رهي آهيان.
واضح رهي ته بگ باس او ٽي ٽي 8 آگسٽ کان ڀارتي اسٽريمنگ پليٽ فارم ”ووٽ“ تي ناظرين لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي ميزباني باليووڊ جو ناليوارو هدايتڪار ڪرن جوهر ڪري رهيو آهي.
اهو به ياد ڏياريندا رهون ته راکي ساونت بگ باس سيزن 14 جو حصو بڻجي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔