آمريڪا جي طاقت تباهي قرار، هاڻ مداخلت بند ڪري: چين

بيجنگ: چين آمريڪا تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آمريڪي فوج جتي ويندي آهي، بدامني ۽ تباهه ٿيل گهر ڇڏي ايندي آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هوا چن ينگ ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته آمريڪا جي طاقت تعمير نه تباهي آهي، 20 سال اڳ آمريڪا دهشتگردي روڪڻ جي نالي تي افغان جنگ شروع ڪئي، ڇا آمريڪا کٽي ويو؟
هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جو انگ هڪ کان وڌي 20 کان ٽپي ويو، گڏوگڏ اتي ڇڪتاڻ، ورهاست، وڇڙيل خاندان ۽ موت پوئتي رهجي ويو آهي.
سندس موجب حقيقتن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته فوجي مداخلت ۽ طاقت جي سياست جو ڪو فائدو ناهي، آمريڪا کي هاڻ جمهوريت ۽ انساني حقن جي نالي تي ٻين جي معاملن ۾ مداخلت ڇڏڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔