فيس بڪ طالبان بابت مواد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

لنڊن: فيس بڪ پنهنجي پليٽ فارم تي طالبان بابت مواد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. فيس بڪ طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته ايپليڪيشن پنهنجي پليٽ فارمز تي طالبان ۽ ان جي حمايت ڪندڙ سموري مواد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.فيس بڪ جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هو طالبان کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏين ٿا ان لاءِ ان گروپ سان لاڳاپيل مواد جي نگراني ۽ ان کي ٺاهڻ جي لاءِ افغان ماهرن جي هڪ ٽيم مخصوص ڪئي وئي آهي. برطانوي خابرو اداري سان ڳالهيون ڪندي فيس بڪ جي ترجمان ٻڌايو ته طالبان کي آمريڪي قانون جي تحت هڪ دهشتگرد تنظيم جي طور تي قبول ڪيو ويو آهي ان لاءِ اسان ڪمپني جي پاليسين جي تحت پنهنجون خدمشون پيش ڪرڻ کان قاصر آهيون.ترجمان واضح ڪيو آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسان طالبان جي اڪائونٽس کي هٽائي ڇڏينداسين جڏهن ته طالبان جي حمايت يا ان جي نمائندگي ڪندڙ اڪائونٽس تي به پابندي لاڳو ڪئي ويندي. ڪمپني موجب اها پاليسي سمورن پليٽ فارمز خاص طور تي فليگ شپ سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ، انسٽا گرام ۽ واٽس ايپ تي به لاڳو هوندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔