طالبان عورتن سميت سمورن سرڪاري ملازمن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪابل: افغانستان ۾ طالبان عورتن سميت سمورن سرڪاري ملازمن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب طالبان سرڪاري ملازمن کي چيو آهي ته ڪابل ۾ حالتون معمول تي اچي رهيون آهن ڪنهن کي به ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي. سمورا ملازم معمول جي زندگي جيان پنهنجي زندگي جي شروعات ڪن ۽ ڪم تي واپس اچي وڃن انهن کي سندن پگهارون ڏنيون وينديون ۽ ڪجهه به نه چيو ويندو.طالبان طرفان سرڪاز ملازمن جي نالي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجن ادارن ۾ نئين سري سان ڪم تي اچو ۽ پنهنجي خيالن کي 20 سال اڳ وارين حالت موجب بحال ڪريو. رشوت، غبن، تڪبر، بدعنواني ۽ سستي کان بچو جيڪا گذريل 20 سالن کان ڪنهن وائرس جيان سرڪاري ادارن ۾ پکڙيل آهي.طالبان جي سياسي نائب ملا عبدالغني برادر چيو آهي ته سمورن مردن ۽ عورت سرڪاري ملازمن کي پنهنجي ذميوارين تي واپس اچڻ گهرجي. اسان عوام جي خدمت جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ عوام سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. طالبان طرفان تحفظ جي يقين ڏيارڻ کان پوءِ ڪيترائي سرڪاري ملازم ۽ ڊاڪٽر پنهنجي ڪم تي واپس اچي ويا آهن. جڏهن ته ڪابل شهر جي روڊن تي ٽريفڪ پوليس ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. طالبان انهن کي حفاظت جو يقين ڏياريو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔