ملا عبدالغني برادر 20 سالن بعد افغانستان پهچي ويو، اهم ذميواري ملڻ جا امڪان

ڪابل: طالبان جي سياسي ونگ جو سربراهه ۽ نائب سربراهه ملا عبدالغني برادر افغانستان پهچي ويو آهي.
ذريعن موجب ملا عبدالغني برادر 20 سالن کانپوءِ افغانستان پهتو آهي ۽ ممڪن آهي ته کيس افغانستان ۾ امڪاني طالبان حڪومت ۾ اهم ڪردار ڏنو وڃي. طالبان ذريعن ٻڌايو آهي ته قطر جي سياسي آفيس ۾ طالبان جي قيادت فوري طور تي دوحا کان قنڌار پهچي وئي آهي جتي مستقبل جو لائه عمل طئي ڪيو ويندو.
افغانستان وڃڻ کان اڳ ملا عبدالغني برادر قطر جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ افغانستان جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب ، طالبان اڳواڻن جي استقبال جون تياريون ڪيون ويون آهن ۽ شهر ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔