جوانيءَ ۾ پيٽ نڪري اچڻ جا سبب

پيٽ جي چرٻي وڌي وڃڻ يا پيٽ ٻاهر نڪري اچڻ هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو زندگي لاءِ خطرناڪ به ثابت ٿي سگهي ٿو.
پيٽ جي اندر مُک عضون جي ويجهو گڏ ٿيل چرٻي صحت تي اثرانداز ٿيندي آهي.
هونئن به پنهنجي جسم کان پيٽ جو ٻاهر نڪرڻ ڀلا ڪنهن کي وڻندو آهي؟، عورتون توڙي مرد ٻئي پنهنجي وڌندڙ پُٺي ۽ نڪرندڙ پيٽ جي لاءِ پريشان ٿيندا آهي.
ان حوالي جوانيءَ ۾ ئي پيٽ جي ٻاهر نڪرڻ جو سبب سائنسدانن آخر ڪار ڳولي ورتو آهي.
سوشل ميڊيا رپورٽن موجب ڊيوڪ يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوانيءَ يا وچ عمر ۾ پيٽ جو ٻاهر نڪرڻ زندگي جي طريقيڪار جهڙوڪ ورزش ۽ عذا هوندو آهي.
ان تحقيق ۾ انسانن جي سڄي زندگي ۾ ميٽابولزم ريٽ جو تجربو ڪيو ويو آهي.
تحقيق ۾ مختلف جسماني جسامت ۽ وزن کي نظر ۾ رکندي ڄاتو ويو ته هڪ نئون ڄاول ٻار به ايتري ئي توانائي استعمال ڪندو آهي جيتري هڪ بالغ ماڻهو ڪندو آهي.
تحقيق ٻڌايو ويو ته ڪنهن نومولو ٻار جي خلياتن ۾ اهڙو ڪجهه هوندو آهي جيڪو انهن کي گهڻو تحرڪ ۾ آڻي ڇڏيندو آهي جنهن جي باري ۾ هن وقت تائين اسان کي خبر ناهي پئجي سگهي.
ميٽابولزم جي اها حيرت انگيز رفتار ان وقت تائين رهندي آهي جيستائين ٻار 2 سالن جو ٿي وڃي، پر پوءِ هر سال ان جي رفتار ۾ ٽي سيڪڙو گهٽتائي ايندي آهي.
اهو گهٽتائي وارو سلسلو بالغ ٿيڻ تائين جاري رهندو آهي ۽ 20 سالن جي ويجهو مستحڪم ٿي ويندو آهي.
ان کان اڳ اهو خيال ڪيو ويندو هو ته ميٽابولزم جي رفتار ۾ واڌ ڇوڪرائپ واري عمر کانپوءِ ٿيندي آهي پر نون نتيجن سائنسدانن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
پر تحقيق ۾ رڳو اهو ئي غير امڪاني نتيجو ناهي نڪتو پر اهو به ڳوليو ويو آهي ته 20 کان 60 سال جي عمر تائين ميٽابولزم هڪ حساب سان مستحڪم رهندا آهن.
اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته 30 سالن کانپوءِ ميٽابولزم جي غذائي ڪيلوريز ساڙڻ جي رفتار ۾ گهٽتائي ايندي آهي پر تحقيق ۾ لڌو ويو آهي ته ان رفتار ۾ گهٽتائي رڳو ان وقت ايندي آهي جڏهن ڪنهن جي عمر 60 سال ٿي ويندي آهي.
ماهرن چيو آهي ته ميٽابولزم بابت ان تحقيق مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته سڄي زندگي خليات جي حالتن ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي پر اهو اهڙي نموني ناهي جيئن اسان هن وقت تائين سوچي رهيا هئاسين.
واضح رهي ته ان تحقيق جا نتيجا طبي ميگزين جرنل سائنس ۾ ڇپيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔