ڪراچي ۾ مواڇ ڳوٺ ڌماڪي جو ڪيس ٽن ڏينھن بعد داخل

ڪراچي: مواڇ ڳوٺ ڌماڪي جو ڪيس ٽن ڏينھن بعد داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دھشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس جماعت اسلامي اڳواڻ ۽ متاثر خاندان جي سربراھ معراج محمد خان جي فرياد تي مدينه ڪالوني ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، ڪيس نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، معراج محمد خان موقف اختيار ڪيو ته گهر ڀاتي ڇوڪري جي شادي ڪرائي واپس اچي رھيا ھئا ته ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿيا، واقعي جي جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔