ڪابل ايئرپورٽ تي افراتفري: آمريڪي فوج جي فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغانستان تي طالبان جَي قبضي بعد ڪابل ايئرپورٽ تي هزارين ماڻهو پهچي ويا، امريڪي فوج جي هوائي فائرنگ سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، انٽرنيشنل اڏامون بند هجڻ سبب افغاني شهرين ۽ پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون، امريڪي پرڏيهي کاتي موجب فوج ڪابل ايئرپورٽ جَي حدن کي محفوظ بڻائي ورتو آهي، سفارتي عملو هوائي اڏي جي حدن ۾ آهي. جڏھن تھ آمريڪي فوج جي فائرنگ ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا، ماڻھو افغانستان ڇڏڻ لاءِ ايئرپورٽ تي موجود جھازن تي چڙھي ويا، پرڏيھي ميڊيا موجب آمريڪي فوج جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا آھن، صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، ايئرپورٽ کي پڻ بند ڪيو ويو آھي. افغانستان صورتحال تي غور لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس اڄ طلب ڪيوويو آھي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس طالبان تي زور ڏنو آهي ته هو افغانستان ۾ صبر جو مظاهرو ڪن، عورتن جي حقن جي پاسداري ڪرڻي پوندي، روس چيو آهي ته طالبان کي جائز اٿارٽي تسليم ڪرڻ جو اڃا وقت ناهي آيو.

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔