راڌڻ ڀرسان گھر اندربم ڌماڪو، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 8 ڄڻا زخمي

راڌڻ؛ راڌڻ ڀرسان گھر اندر ٻارن پاران رانديڪو ڪري آندل بم ڦاٽي پيو، 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سيھڙ ٿاڻي جي حد سنڌو درياھ ڀرسان ڳوٺ طيب ملاح ۾ گھر اندر بم ڌماڪو ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ نصيبان ملاح، زرينا ملاح، بيبي ملاح، طيب ملاح، معصوم ٻار شھزادو، محبوب ـ پيارو ـ نثار ملاح سخت زخمي ٿي پيا جن کي نئون ڳوٺ ٿاڻي تي آندو ويو، پوليس حد جو جواز ڄاڻائي ويھڙ ٿاڻي تي موڪليو، رابطو ڪرڻ تي مور ملاح ٻڌايو ته ٻارن کي درياھ ۾ وھجندي بال نموني رانديڪو مليو جيڪو ھي گھر کڻي آيا اتي گھر ۾ زمين تي اڇلايو ته ڌماڪو ٿي پيو جنھن ۾ ھڪ ئي گھر جا 8 ڀاتي زخمي ٿي پيا جن کي لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔