ڪورونا جي حالتن ۾ احتياط ڪرڻ لازمي آهي:ناصر شاھ

ڪراچي:چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه جشن آزادي جي موقعي تي چيف سيڪريٽري هائوس ۾ ٻوٽو پوکيو، ڪراچي ٽول پلازا تي موٽر وي پوليس طرفان مسافرن کي يومِ آزادي جا تحفا ڏنا ويا، ڪراچي ۾ سِوڪ سينٽر تي جشن آزادي جي تقريب کي خطاب دوران صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ڪورونا جي حالتن ۾ احتياط ڪرڻ لازمي آهي ۽ محرم الحرام جي تقدس کي به برقرار رکڻو آهي، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وڏو وزير ۽ سندس ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، مرتضيٰ وهاب پهرين ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ لاءِ تيار نه هو، بعد ۾ ڪراچي جي بهتريءَ لاءِ وڏي ذميواري سنڀالڻ جي حامي ڀري، خالد مقبول انتظار ڪري، مرتضيٰ وهاب جي اچڻ سان ڪراچي ۾ بهتري نظر ايندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔