ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن گروپ جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي: اولهه پوليس ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن گروپ جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ڪاشف عرف ٽرڪ بدنام ٽارگيٽ ڪلر زوهيب عرف ڊبليو سي جو ويجهو ساٿي آهي، جيڪو پنهنجي ئي ساٿي کي قتل ڪري روپوش ٿي ويو هو. جوابدار 3 مارچ ، 2021 تي ، مخبري جي شڪ ۾ ٻن ڄڻن هيرا ۽ جي جي کي اغوا ڪيو، کين سيڪٽر 1-ڊي فيملي پارڪ ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ کين اگهاڙو ڪري وڊيو رڪارڊ ڪئي. ايس ايڇ او اورنگي انٽيليجنس رپورٽ تي ڇاپو هنيو ۽ جوابدار ڪاشف عرف ٽرڪ کي گرفتار ڪيو. گرفتار جوابدارن وٽان غير قانوني هٿيار به هٿ ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔