سنڌ پوليس جي ايس ايس يو شعبي ۾ 120 خالي پوسٽن تي ڀرتين جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ پوليس جي ايس ايس يو شعبي ۾ 120 خالي پوسٽن تي ڀرتين جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ طلاعات کاتي کي اشتهار ڇپرائڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو. ايس ايس يو ۾ گريڊ هڪ کان 4 جون 120 پوسٽون خالي پيل آهن، خط ۾ چيو ويو آهي ته اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرايو وڃي ته جيئن ڀرتين جو عمل شروع ڪري سگھجي. ايس ايس يو ۾ ٽيلر ماسٽر، پلمبر، پمپ ڊرائيور، ڊينٽر، ڪارپينٽر، نائب قاصد ۽ ٻين پوسٽن تي ڀرتيون ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔