وڏي وزير کي وزيراعظم جي دوري جو ڪو شيڊول يا طلاع نه ڏنو ويو: ناصر حسين شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته منهنجي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي، کيس وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري جو باضابطه شيڊول نه ڏنو ويو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جو وڏو وزير انتظار ڪندو رهيو ، پر ڪو اطلاع نه ڏنو ويو. ٻڌو آهي ٽرانسفارميشن جو اجلاس هو، پر ان ۾ به وڏي وزير کي دعوت نه ڏني وئي ھئي، ٻين اسٽيڪ هولڊرس کي به نه گهرايو ويو، ان مان اندازو لائي سگھجي ٿو ته وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت جي سنجيدگي ڪيتري آھي. ناصر حسين شاهه چيو ته هو ڪراچيءَ کي ڪجهه ڪلاڪ ڏين ٿا. اسان ته چئون ٿا، هو اچن، پر هو جيڪي اعلان ڪن ٿا تن تي عمل به ڪن، باقي اسان کي گهرائن نه گهرائن، خوش رهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔