چيف جسٽس سنڌ جي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرري جي منظوري

اسلام آباد: چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرري لاءِ سنڌ هائڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪميشن جي چئن ميمبرن سندس تقرري جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته پنجن ميمبرن حمايت ڪئي. جن ميمبرن جسٽس احمد علي شيخ جي ايڊهاڪ جج طور مقرري جي مخالفت ڪئي تن ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس مقبول باقر، جسٽس دوست محمد ۽ بار ڪائونسل جو نمائندو شامل آهن. سندس مقرري جي حتمي منظوري لاءِ سفارش پارلياماني ڪميٽي کي موڪلي وئي آهي. واضع رهي ته چيف جسٽس احمد علي شيخ اڳ ئي ايڊهاڪ جج طور مقرر ٿيڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔