سنڌ ڪابينا نيب کان وي آر تحت اوڳاڙيل ڏيڍ ارب رُپيا واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا نيب کان وي آر تحت اوڳاڙيل ڏيڍ ارب رُپيا واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب چيئرمين کي پئسا واپس ڪرڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو، نيب طرفان ڪرپشن اسڪينڊل ۾ مختلف آفيسرز کان وي آر تحت اربين رُپيا اوڳاڙيا ويا هئا، ڪابينا ايس آر بي ايڪٽ ۾ به ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، مشينري، ساز و سامان ۽ اوزارن تي ٽئڪس 5 سيڪڙو وڌائي 13 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آھي، ڪي ايم سي ملير جي ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهر هلائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، سنڌ ڪابينا ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهرن لاءِ الاٽ ٿيل 29 ايڪڙ زمين واپس وٺي ڇڏي، ڪوس گهرن جي زمين تي بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ بائيو گئس پلانٽ لڳايو ويندو، ڪي ايم سي کي ڪنهن ٻي زمين تي ڪوس گهر ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔