پي آءِ اي پاران ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙ ملازمن تي ڏنڊ هڻڻ جو فيصلو

ڪراچي: پي آءِ اي انتظاميا جو وڏو فيصلو، ڪورونا جي ويڪسينيشن نه ڪرائڻ وارن ملازمن تي ڏنڊ هنيو ويندو. پي آءِ اي انتظاميه جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي سمورن ملازمن کي 13 آگسٽ تائين ويڪسينيشن ڪرائي وڃي، اسٽاف ڪيڊر جا ملازم جيڪي ڪورونا جي ويڪسينيشن نٿا ڪرائين انهن مٿان روزانو 300 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. آفيسر ڪيڊر جي ملازمن کي روزانو 500 رپيا ڏنڊ هنيو ويندو. پي آءِ اي انتظاميا خبردار ڪندي چيو آهي ته 13 آگسٽ کان پوءِ 10 ڏينهن اندر ويڪسين نه لڳرائيندڙ ملازمن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔