عون چوڌري کان استعيفيٰ طلب، اندروني ڪھاڻي سامھون اچي وئي

لاھور: پنجاب سرڪار طرفان جهانگير ترين گروپ کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون، پنجاب جي وڏي وزيرعثمان بزدار سياسي مامرن بابت خصوصي معاون عون چوڌري کان استعيفيٰ گهري ورتي، عون چوڌري پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته عون چوڌري جهانگير ترين گروپ جو ميمبر آهي، ترين گروپ لاءِ لابنگ ڪرڻ جي الزام تحت کائنس استيعفيٰ ورتي وئي آھي، ان حوالي سان عون چوڌري بھ تصديق ڪندي چيو آھي تھ مون کي اڄ وزيراعليٰ آفيس گھرائي ترين گورپ کان الڳ ٿيڻ جو چيو ويو، ترين گروپ کان الڳ ٿيڻ کان انڪار تي مستعيفي ٿيڻ جو چيو ويو، عون چوڌري چيو تھ جھانگير ترين جون پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ خدمتون سڀ ڄاڻين ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔