نواز شريف جي زندگي تي سياست بيحسي ۽ غيرانساني رويو آهي:شھباز شريف

لاهور: نواز شريف جي زندگي تي سياست بيحسي ۽ غيرانساني رويو آهي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف کي لنڊن اُماڻڻ جو فيصلو نيازي سرڪار ڪيو هو، سياسي نفرت تي ٻڌل بيان ملڪي وقار خلاف آهن، سياسي پڳون اُڇليندڙ پاڪستان جي پڳ نه اُڇلين ته مهرباني ٿيندي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نواز شريف جي صحتمند هجڻ جو فيصلو ڊاڪٽرز ڪندا، عمران جي ڪوڙ ڳالهائڻ سان ميڊيڪل رپورٽ تبديل نٿي ٿي سگهي، نواز شريف جي صحت نيب جي حراست دوران خراب ٿي هئي، سرڪاري ميڊيڪل بورڊ فيصلو ڪيو هو ته نواز شريف جو علاج پاڪستان ۾ نٿو ٿي سگهي، نواز ليگ ۽ عوام جو فيصلو آهي ته نواز شريف جي صحت تي ڪابه سوديبازي نٿي ڪري سگهجي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔