دنيا ۾ نانگ جي زهر جو وڪرو وڌي ويو، في لٽر اگهه 40 لک رپيا مقرر

نئين دهلي : دنيا ۾ نانگ جي زهر جو وڪرو وڌي ويو، في لٽر اگهه 40 لک رپيا مقرر ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دنيا ۾ نانگن جي زهر جو وڪرو وڌي ويو آهي جنهن سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نانگن مان زهر ڪڍڻ هاڻي وڏو ڪاروبار بڻجي رهيو آهي، ڀارت ۾ پڻ نانگن جو زهر وڏي مقدار ۾ خريد ڪري ان کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچايو وڃي ٿو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارتي رياستن تلنگانا ۽ آنڌرا پرديش جي ٻيلن ۾ وڏي انگ ۾ نانگ موجود هجڻ سبب ماڻهو انهن کي پڪڙي انهن مان زهر ڪڍي وڪڻي رهيا آهن، مختلف غريب قبيلن جا ماڻهو وڏي جدوجهد بعد نانگ پڪڙي انهن جو زهر ڪڍي ايجنٽن کي وڪرو ڪن ٿا، ايجنٽ اهو زهر کاڌي پيتي وارين معمولي شين عيوض انهن اڻ ڄاڻ غريب قبائلين کان خريد ڪري وٺن ٿا. رپورٽ موجب نانگ جو اهو زهر مقامي مارڪيٽ ۾ 40 لک رپيا في لٽر وڪرو ٿئي ٿو، عالمي مارڪيٽ ۾ ٻيڻ تي وڪامجي ٿو، ان حوالي سان قبائلين جو چوڻ آهي ته زهريلا نانگ پاليندا آهيون انهن جون ماديون 12 کان 30 بيضا روز ڏين ٿيون جن مان ٻن مهينن ۾ ٻچا ٿين ٿا. هنن ٻڌايو ته نانگن مان وڏي مشڪل سان زهر ڪڍي ان کي شيشي جي بوتلن ۾ وجهي رٻڙ سان بند ڪري ڇڏيندا آهيون. قبائلين موجب ايجنٽ زهر خريد ڪرڻ کان اڳ انهن جي ڪوائلٽي چيڪ ڪندا آهن، زهرشيشي جي بوتلن مان خنجر وسيلي ڪڍي ڪڪڙ جي زخم تي لڳائبو آهي جيڪڏهن اهو اڌ ڪلاڪ ۾ مري ويو ته پوءِ زهر معياري قرار ڏبو آهي. هنن چيو ته اسان کي ڪابه ڄاڻ ناهي تي نانگ جي زهر جي ڪيتري قيمت آهي ايجنٽ کاڌي پيتي جون شيون ڏئي ويندا آهن. ٻئي طرف ماهرن جو چوڻ آهي ته نانگن جو زهر انساني حياتيون بچائڻ وارين دوائن ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي انڪري هن وقت دنيا ۾ ان جي گهرج وڌي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔