پي ٽي آءِ جو عبدالقيوم نيازي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جو عبدالقيوم نيازي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجي ويو، عبدالقيوم نيازي 33ووٽ کڻي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجي ويو آھي، گڏيل اپوزيشن جو اميدوار اعظم لطيف 15ووٽ کڻي سگهيو ، عبدالقيوم نيازي آزاد ڪشمير جو 13ھون وزيراعظم چونڊجي ويو آھي.جڏھن تھ ووٽنگ دوران اسيمبلي هالز جا دروازا بند ڪيا ويا، اپوزيشن کي کُليل ووٽنگ تي اعتراض ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ اسپيڪر احتجاج باوجود اپوزيشن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔