وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سنڌ بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ اسٽريٽجي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت سان صلاح مشورا مڪمل ٿيا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي ڀتي خورن، منشيات فروشن، ڏوهارين کان بچايو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جو پهريون ٽارگيٽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ رينجرز ، اينٽي نارڪوٽڪس فورس، ايف آءِ اي ۽ ڪسٽمز کي متحرڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب سنڌ ۾ مخصوص هنڌن تي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيا ويندا. چارئي وفاقي ادارا پڻ گڏيل طور تي پنهنجي منصوبابندي ڪندا ۽ سنڌ ۾ امن امان کي يقيني بڻايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔