حليم عادل شيخ جو وزيراعظم کي خط، پاڻ مٿان ٿيل حملي جي جاچ ۽ ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ وزيراعظم عمران خان کي خط لکي نواب شاهه ۾ سندس مٿان ٿيل حملي جي جاچ ۽ ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، حليم عادل شيخ خط ۾ لکيو آهي ته پي ايس پي آفيسرز ڏهه سالن کان وڌيڪ سنڌ ۾ مقرر آهن، روٽيشن پاڪيسي تحت هن آفيسرن کي ٻئي صوبن ۾ موڪلڻو هوندو آهي، پي ايس پي آفيسرز پيپلز پارٽي جي غلامي ڪري رهيا آهن، مون تي حملو هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪرايو ويو آهي، هن چيو آهي ته سيڪيورٽي جي فراهمي جي لاءِ آءِ جي سنڌ سوڌو سمورن آفيسرن کي ليٽر لکيو هو، ڪارڪنن اطلاع ڏنو هو ته پ پ جا ماڻهو حملو ڪري سگهن ٿا، ڊي آءِ جي نواب شاهه عرفان بلوچ ايس ايس ي سعود مگسي کي آگاهه ڪيو هو ۽ پوليس آفيسرز مڪمل سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔