دودو ڀيل سوڌو ٻين پورهيتن خلاف چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جو انڪشاف

مٺي: ٿرڪول بلاڪ ون انتظاميا طرفان دودو ڀيل سوڌو ٻين پورهيتن خلاف چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جو انڪشاف، اسلام ڪوٽ پوليس دودو ڀيل سوڌو 9 پورهيتن خلاف ڪٻاڙي چوري جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسر طرفان پورهيتن خلاف ثبوت نه ملڻ ۽ ڪيس خارج ڪرڻ بابت عدالت کي آگاهي، جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته ٿرڪول جِي انجنيئر انتظاميا جي چوڻ تي دودو ڀيل سوڌو ٻين پورهيتن خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جاچ دوران عورت انجنيئر واقعي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي پورهيتن جي سڃاڻپ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔