پي ٽي آءِ جي وڌيڪ وڪيٽ ڪري پئي، مولانا تنوير الحق ٿانوي پيپلزپارٽي ۾ شامل

ڪراچي: اڳوڻي سينيٽر مولانا تنوير الحق ٿانوي پاران پي ٽي آءِ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو آھي، مولانا تنوير الحق ٿانوي پيپلزپارٽي جي صدر نثار کھڙو سان ملاقات بعد پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، مولانا تنوير الحق ٿانوي ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊيو ھو، چار مھينا اڳ مولانا تنوير الحق ٿانوي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيوھو، ان موقعي تي نثار کھڙو جو چوڻ ھو تھ مولانا تنيور الحق ٿانوي پي ٽي آءِ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رھيو آھي، ھُن کي ڀليڪار چئون ٿا، طاقت جو سرچشمو عوام آھي، ان جي لاءِ جدوجھد ڪيون پيا، نثار کھڙو چيو تھ ھاڻ عوام جون اميدون پيپلزپارٽي سان گڏ آھن، ھاڻ ملڪ ۾ سياست ۽ سياستدانن کي بدنام ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، ھن چيو تھ ڪنھن پارٽي جو ڪنھن بھ صوبي ۾ سياست ڪرڻ جو حق آھي، ان موقعي تي تنوير الحق ٿانوي جو چوڻ ھو تھ ديني خدمتن سان گڏ سياست ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندس، سنڌ اسان جي ڌرتي آھي، سنڌ ۾ ئي اسان جو جيئڻ مرڻ آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔